برفالو
برفاني ڇپ يا برفالو (Glacier)، سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي وڏي ڇپ، لاهي، برف جو ميدان،[1] [2] وڏن مٿائن جبلن ۽ چوٽين تي سيءَ گهڻو هجڻ سبب جڏهن مينهن پوي يا سياري ۾ برف پوي ته اها مٿي جبلن جي وچم گڏ ٿيندي رهي ٿي. ائين برف جا تهن مٿان تهه گڏ ٿيڻ کان پوءِ اها برفالو (Glacier) ٿي وڃي ٿي. اسان جي ڌرتيءَ تي جبلن جي وچ ۾ هزارين برفالا موجود آهن. ڌرتيءَ جي اتر ۽ ڏکڻ تي برف ئي برف آهي. اها برف به حقيقت ۾ پاڻي آهي، پر اتي جيئن ته ٿڌ تمام گھڻي آهي، ان ڪري اهو پاڻي ڄمي برف ٿي پيو آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن ڪنهن ڪارخاني، ريفريجريٽر يا فِرِيزر ۾ برف ٺهندي آهي. سڀني مٿائن جبلن تي (جن جي اڀائي سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 13 هزار فوٽ مٿي يا اڃا وڌيڪ آهي) 12 ئي مهينا برف موجود هوندي آهي، جيڪا رجڻ کان پوءِ پاڻي ٿِي ندين ۾ وهي ٿي. سڄي ڌرتيءَ جو ڏهون حصو برف سان ڍڪيل آهي. اهي گلئشيئرَ گرمين جي مند ۾ گرمي وڌيڪ پوڻ تي تيزي سان رجندا آهن ۽ انهن وڏي وڏي گليشيئرون پاڻي ٿي جلبن تان لهي اچي دريائن ۾ پونديون آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Glacier | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-09.
- ↑ "Glacier word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-03-09.
- ↑ برفالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع