مواد ڏانھن هلو

منصور الحلاج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منصور الحلاج
(عربي ۾: الحسين بن منصور الحلاج خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 858 [1][2][3][4][5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 26 مارچ 922 (63–64 سال)[7][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بغداد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت عباسيہ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
استاد جنيد بغدادي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو student of (P1066) وڪي ڊيٽا تي
پيشو شاعر [8]،ليکڪ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي ،عربي ٻولي [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي صوفي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
الزام
الزام توهين مذهب   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو convicted of (P1399) وڪي ڊيٽا تي


حسين بن منصور حلاج (857–922) عربي ڳالھائيندڙ فارسي مسلمان صوفي ۽ شاعر ھيو. ھڪ سني طور پيدا ٿيو، ھن فارس (پرشيا)، ھندوستان ۽ ترڪستان جو سفر ڪيو، ۽ انيڪ ديني فلسفن بشمول تصوف، مانيشيئزم ۽ ٻُڌمت سان تجربا ڪيا. خدا سان پنھنجي ھيڪڙائي (ايڪو) جي بنياد واري بدنام انا الحق [عربي ۾ ، = مان سچ آھيان]، ۽ انھيءَ بدعت جي الزام ۾ ڦاھي تي چاڙھيو ويو. هو وحدت الوجودي فلسفي/ تصوف جي دنيا جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي.[9]

ٻالڪپڻو ۽ صوفي رجحان

[سنواريو]

منصور جي پيدائش 858ع، ۾ البيضا (فارس) جي اتر اوڀر ۾ واقع هڪ ڳوٺ ’الطور‘ ۾ ٿي.سندس پورو نالو ابوالمغيث حسين بن منصور حلاج هو. سندس والد منصور ڌنڌي جي لحاظ سان ڪپهه ٽاڻڻ وارو هو. ان ڪري ’حلاج‘ سڏبو هو. ننڍڙي حسين، عمر جو شروع وارو حصو عراق جي شهر واسط ۾ گذاريو، بعد ۾ اهواز جي هڪ ماڳ تستر ۾ سهل بن عبدالله ۽ پوءِ بصري ۾ عمرو مڪيءَ جي صحبت ۾ تصوف جي رنگ ۾ رڱجي ويو. 877ع ۾ بغداد آيو ۽ حضرت جنيد بغداديءَ جي شاگردي اختيار ڪيائين. سندس نالو ته حسين هو، پر سندس شهرت ’حسين بن منصور حلاج‘ توڙي ’منصور حلاج‘ جي نالن سان ٿي. حسين بن منصور عمر جو گھڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ بسر ڪيو. ٽي ڀيرا مڪي ويو. اتحاد ذات الاهي يا همه اوست جو قائل هو ۽ ’انا الحق‘ (آءٌ حق آهيان) جو نعرو عام هڻندو هو. عالمن جو هڪ گروهه کيس ڪافر ۽ زنديق سڏيندو هو، جڏهن ته ٻين عالمن جي گروهه کيس شهيد صوفي ۽ ولي سڏيو.

بطور ليکڪ

[سنواريو]

حسين بن منصور تصوف ۾ پنهنجن خاص عقيدن ۽ نظرين جي پرچار لاءِ ڪتاب ۽ رسالا به لکيا، جن جو تعداد پنجاهه چيو وڃي ٿو. انهن مان ڪي ڪتاب تمام گھڻو مشهور ٿيا. جهڙوڪ: ’ڪتاب الاصول والفروع‘، ’ڪتاب علم البقا والفناء‘ اچي وڃن ٿا. حلاج جي عقيدي جا ٽي جزا چيا وڃن ٿا: ذات بشريءَ ۾ ذات الاهيءَ جو حاصل ڪرڻ، حضرت محمدصه جن جو نقشِ قدم ۽ مذهبن جي وحدت. حسين بن منصور حلاج جو اثر ايراني علم ۽ ادب ذريعي سڄي دنيا سان گڏ سنڌو ماٿريءَ ۾ به پهتو. روايتن موجب حسين بن منصور حلاج خود سنڌ ۽ ملتان ۾ آيو هو. ان وقت ٻنهي پرڳڻن تي قرامطين جو راڄ هو، پر سنڌ ۾ پهريون ڀيرو منصوري آواز قلندر شهباز (وفات: 673ھ) ذريعي پهتو. هن پنهنجي فارسي شعر ۾ اهڙو اظهار به ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ قادري ۽ سهروردي بزرگن جو صوفياڻي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سندن سماع جي محفلن ۾ منصوري داستان کي بيان ڪيو ويندو آهي. روايتن موجب مخدوم جهانيان جهان گشت (وفات: 1384ع) جي مجلسن ۽ محفلن ۾ به خواجه منصور جي ذڪر کي خاص اهميت حاصل هئي.

سنڌ تي اثر

[سنواريو]

سنڌ جي ارغوني فتح (1520ع) کان پوءِ، وڏي پيماني تي مرڪزي ايشيا ۽ ايران مان عالم، اديب ۽ شاعر سرزمين سنڌ ۾ پهتا. ڪي مستقل طرح سنڌ ۾ رهيا ۽ ڪي وري ڪجهه دير هتي رهي پوءِ هندستان هليا ويا. ايراني علم ۽ ادب جي پهچڻ سان عطار، رومي، سعدي ۽ فردوسيءَ جا ڪتاب به سنڌ ۾ پهتا. ان طرح حسين به منصور حلاج جو ذڪر به تازه دم ٿي هن خطي ۾ وارد ٿيو. شاهه جهانگير هاشمي (وفات: 1539ع) به ٻاهران آيل اديبن ۾ شامل هو. هن جي فارسي مثنوي مظهر الآثار ۾ منصوري اثر نمايان ڏسجي ٿو. هيءَ مثنوي سنڌ جي مشهور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي هئي. سرمد شهيد به مغل دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو هو ۽ هڪ هندو ڇوڪري اڀيچند جي عشق ۾ مگن ٿي چيائين: ”نمي دانم ابي چندست يا غير“. اهي منصوري اثر هئا، جو هن وقت جي عالم ميرڪ عبدالوهاب جي خلاف شعر چيو. جڏهن ٺٽو ڇڏي دهليءَ پهتو ته ڀاڻس اورنگزيب کيس 1658ع ۾ درٻاري ملن کان فتوائون ڏياري شهيد ڪرائي ڇڏيو. شهزادو دارا شڪوه، ميان مير سنڌيءَ جو مريد (وفات: 1635ع) ۽ شاهجهان جو پٽ هو. دارا شڪوره تصوف جو وڏو عالم هو. هن پنهنجي ڪتاب ’سفينة الاولياء‘ ۾ منصور حلاج جو خاص ذڪر ڪيو آهي. مغل دؤر ۾ سنڌي صوفي سنڌ کي ڇڏي برهانپور پهتا، جن جي محفلن ۾ به منصوري ذڪر ٿيندو هو.

سنڌي ڪلاسڪ ادب تي اثر

[سنواريو]

ڊاڪٽر اينمري شمل ’پرلس فرام دي انڊس‘ ڪتاب ۾، سنڌي شاعريءَ ۽ سماج تي حسين بن منصور حلاج جي اثرن بابت هڪ خاص مقالو شامل ڪيو آهي. صوفي شاهه عنايت (شهادت: 1718ع) تي به حسين بن منصور حلاج جو وڏو اثر هو. شاهه لطيف تي (وفات: 1751ع) تي به منصوري اثر هئا، جن جو اظهار هن سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر سهڻيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي. خواجه محمد زمان (وفات: 1774ع) تي به منصوري اثر هو، جيتوڻيڪ پاڻ نقشبندي سلسلي جو صوفي هو، پر پوءِ به حسين بن منصور حلاج بابت گھري دلچسپي رکندو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ’لنواريءَ جا لال‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري خواجه محمد زمان چيو ته منصور اسان جي دؤر ۾ هجي ها ته هن کي سوليءَ تي چڙهڻ جي نوبت نه اچي ها. ساڳيءَ ريت فقير عبدالرحيم گرهوڙي (وفات: 1778ع) به پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان وانگر، حلاج جي ذڪر کان غافل نه هو. مير جان الله شاهه رضوي (وفات: 1754ع)، ڪلهوڙا دؤر جو نامور فارسي گو شاعر ٿي گذريو. هن جو ديوان به ڇپجي چڪو آهي، ان ۾ به ڏسجي ٿو ته مٿس منصوري رنگ موجود هو. ليڪن جنهن سنڌي شاعر چوٽ تي چڙهي منصوري نعرو هنيو ۽ حلاجي فڪر جو پرچار ڪيو. اهو سچل سرمست هو (وفات: 1827ع). سچل جي شعر ۽ فڪر تي منصوري اثر حد کان وڌيڪ آهي. بيدل فقير (وفات: 1872ع) پڻ منصوري پرچار کان گھڻو متاثر هو.

منصور ۽ جديد سنڌي ادب

[سنواريو]

جديد دؤر جي شاعرن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري ۽ ٻين پڻ منصور حلاج جو خوب اثر قبول ڪيو. سائين جي. ايم. سيد جي تصوف ۽ مذهب بابت لکيل ڪتابن ۾ منصوري مام موجود آهي. منصور حلاج هر دور ۾ سنڌي سماج ۽ علم ادب تي پنهنجا نقش قائم رکندو اچي.

ڦاسي

[سنواريو]

سن 909ع ۾ ابن داؤد الاصفهانيءَ جي فتوا جي بنياد تي کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. 913ع ۾ ٻيو ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو اٺ سال قيد ۾ رهيو. اٺن سالن کانپوءِ 921ع ۾ هن بابت مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 18 ذي القعد 309ھ/ 929ع تي خليفي مقتدر باالله عباسيءَ جي دؤر ۾ ڦاسي ڏني وئي.[10]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb119067398 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  2. GND ID: https://d-nb.info/gnd/118700987 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  3. 3.0 3.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/halladj-husain-ibn-mansur-al- — subject named as: Husain Ibn Mansur al-Halladj — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. subject named as: Hallâj — Angelicum ID: https://pust.urbe.it/cgi-bin/koha/opac-authoritiesdetail.pl?marc=1&authid=62795
  5. Diamond Catalog ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/274 — subject named as: al-Ḥusayn ibn al-Manṣūr al-Ḥallāğ
  6. subject named as: Al-Husayn b. Mansur al- Hallay — National Library of Spain ID: https://datos.bne.es/resource/XX989041 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : El portal de datos bibliográficos de la Biblioteca Nacional de España — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  7. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/al-Hallaj — subject named as: al-Hallaj — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  8. PoetsGate poet ID: https://poetsgate.com/poet.php?pt=173 — اخذ شدہ بتاریخ: 5 اپريل 2022 — عنوان : بوَّابة الشُعراء
  9. "AllRefer.com - Hussein ibn Mansur al- Hallaj (Islam, Biography) - Encyclopedia". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-10-14. 
  10. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
pFad - Phonifier reborn

Pfad - The Proxy pFad of © 2024 Garber Painting. All rights reserved.

Note: This service is not intended for secure transactions such as banking, social media, email, or purchasing. Use at your own risk. We assume no liability whatsoever for broken pages.


Alternative Proxies:

Alternative Proxy

pFad Proxy

pFad v3 Proxy

pFad v4 Proxy